گڏاپ ملير جي سون جھڙي زمين ۽ ننڌڻڪا ماڻھو

امر گل

ڪي ڊي اي اسڪيم 47 لاء ضلعي ملير جون پنج ديهون ڏيڻ جو پلان ڪيو ويو آهي!!! اسان هن مضمون ۾ ان سڄي عمل بابت اڄ ڪجهہ وڌيڪ حقيقتون پيش ڪنداسين.

اوهان کي ياد هوندو اسان ڪجهہ ئي عرصو اڳ سڀ کان پھرين سنگت ميگ جي هن ئي پليٽ فارم تي گڏاپ ملير جي زمينن تي لڳندڙ هن نئين ۽ وڏي ڌاڙي جي تيارين بابت تڏهن ئي آگاھ ڪيو هو، جڏهن اڃان اوسي پاسي لُڇ پُڇ تہ پنھنجي جڳھہ تي، پر اهڙي ڪا ڪُڇ پُڇ بہ ڪون هئي… اٺ رڙيا پئي تہ هوشياري وٺو ٻَورا سبجن پيا… مون کي ياد آهي جڏهن اسان انڊيجينس رائٽس الائنس جي پليٽ فارم تان بحريا ٽائون جي ڀڳڙ خلاف بانٺو کنيو هو تہ خدا خوش رکي ماڻھن تڏهن بہ اسان تي ئي آڱريون کنيون هيون.. آئون ڪيترا سال اڳ ئي فيسبڪ تي پنھنجي پوسٽن ۾ لکندو رهيس تہ اسان کي اها ڳالھ نہ وسارڻ کپي تہ اهو نُڪتو قطعي اتفاقي ناهي تہ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري زمين رکندڙن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا، پر صدين کان آباد ملير جي ماڻھن کي ان کان محروم رکيو ويو آهي. بحريا جي ڀڳڙ خلاف جدوجھد جي شروعاتي سالن ۾ ئي مون ڪيترائي ڀيرا اها ڳالھ لکي هئي تہ ملير وارن کي اصل مامرو 2022ع ۾ پيش اچڻ وارو آهي، ۽ اهو وقت سر تي اچي پھتو آهي… رڳو اهو وقت سر تي ناهي اچي پھتو، پاڻ سان هڪ مھا ٻوڏ بہ کڻي آيو آهي.

جي ها، تياريون مڪمل آهن. ڪي ڊي اي اسڪيم 47 لاء ضلعي ملير جون پنج ديهون ڏيڻ جو پلان ڪيو ويو آهي، جنهن مان تعلقي شاھ مريد جون پنج ديهون الھ ڦهائي، لوهارڪو لنگھ، مهيو، مانڍڙو ۽ مٺان گهر شامل آهن. جڏهن ته هڪ ديھ تعلقي گڏاپ جي شاهي ڇٻ ساڻ اهي جملي ڇھ ديهون ٿيون.
اوهان کي ياد هوندو ته بحريه ٽائون جي شروعاتي ڏينهن ۾ سال 2014ع ۾ ملير ڊيويلپمينٽ اٿارٽيءَ جي جهولي ۾ 43 ديهون وڌيون ويون هيون، جنهن جو بل سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪيو ويو هو. هاڻ جڏهن اهي پنج ديهون، جيڪي ايم ڊي اي جي اسڪيم 47 لاء اعلانيل آهن، اهي ملير ڊويلپمينٽ اٿارٽيءَ جي جيوريسڊڪشن ۾ اچن ٿيون. اهڙيء طرح جيڪڏهن ڪا اهڙي رهائشي اسڪيم جو اعلان ڪندي ته اها قانوني طور تي ايم ڊي اي ئي ڪندي، پر هتي اهو سوال به اٿي ٿو ته ايم ڊي اي جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انهن ملير جي ماڻهن کي ڪهڙيون رهائشي اسڪيمون ڏنيون ۽ انهن مان ڪيتريون ڪامياب ٿيون آهن؟

د-ف i مطلب لينڊ رجسٽر جي مطابق :
°ديھ شاهي ڇٻ جي ڪل ايراضي 17-18940 ايڪڙ، اکرين ارڙهن هزار نو سو چاليھ ايڪڙ ۽ سترهن گُهنٽا  آهي.
°ديھ مانڍڙو جي ڪل ايراضي 03-10197 ايڪڙ، اکرين ڏھ هزار هڪ سو ستانوي ايڪڙ ۽ ٽي گهنٽا آهي.
°ديھ مٺان گهر جي ڪل ايراضي 18-8511 ايڪڙ، اکرين اٺ هزار پنج سو يارهن ايڪڙ ۽ ارڙهن گهنٽا فقط آهي.
°ديھ الھ ڦهائي جي ڪل ايراضي 14-6266 ايڪڙ، اکرين ڇھ هزار ٻه سو ڇاهٺ ايڪڙ ۽ چوڏهن گهنٽا آهي.
°ديھ لوهارڪو لنگھ جي ڪل ايراضي 29-7730 ايڪڙ، اکرين ست هزار ست سو ٽيھ ايڪڙ ۽ اوڻٽيھ گهنٽا آهي.
°ديھ مھيو جي ڪل ايراضي 12-5403 ايڪڙ، اکرين پنج هزار چار سو ٽي ايڪڙ ۽ ٻارهن گهنٽا آهي

انھن ديھن جي زمين جو ڪُل جوڙ 13-57049 ايڪڙ آهي.
(ديھن جي انهن ايراضين ۾ سروي نمبر، ڳوٺن جا پٽ، مقام، مندر، مساڻ ، ڌرم شالا، روڊ رستا، واھ ڪڙيا، ڍورا سڀ شامل آهن.)
هاڻي قانون موجب ڪير به ڪنهن جو هوا، پاڻي ۽ رستو روڪي نٿو سگهي. ڇا فطرت جي انهن ندين نئين ۽ ڍورن کي بند ڪرڻ يا انهن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي دنيا جي ڪنهن قانون ۾ اجازت آهي؟

ٻيو اهو ته  26 سيپٽمبر 1960ع جي ويسٽ پاڪستان جي هڪ گزيٽ موجب ديھ شاهي ڇٻ جي 20-16935 ايڪڙ ۽ ديھ مانڍڙو ۾ 30-3070 ايڪڙ جملي ويھ هزار ڇھ ايڪڙ ۽ ڏھ گهنٽا فقط ٻيلي کاتي کي الاٽ ٿيل هئا. انهيء ويسٽ پاڪستان گزيٽ موجب 2020ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سڳوريء جي حڪم سان ايتري ايراضيء جي داخلا پڻ روينيو رڪارڊ ۾ رکي ويئي آهي.

هاڻ سرڪار سڳوري هڪ ڌڪ سان مقامي کاتيدارن کي بيدخل ڪري، انھن زمينن جا مالڪاڻا حق انھن کان ڦري، اتي هائوسنگ سوسائٽين لاءِ زمينون ڪراچي ڊويلپمينٽ اٿارٽيء کي ڏيڻ ٿي چاهي، اتي ئي ان سان لڳ، اڳ ۾ ئي ڪيترن سالن کان هزارين ايڪڙن تي ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي اسڪيم تائيسر ٽائون ڪيترن سالن کان غيرآباد پيل آهي. ان کان سواء ضلعي ملير ۾ ئي لنڪ  روڊ لڳ ايم ڊي اي جي هڪ ٻي هزارين ايڪڙن تي ٻڌل اسڪيم جو بہ ساڳيو حال آهي. اهي سڀ اسڪيمون هيترا سال ٿيا، اڃان غير آباد پيون آهن ته اهڙي صورت ۾ ملير ۾ وري اڃان وڌيڪ سٺ هزار ايڪڙ زمين مقامي کاتيدارن کان ڦري ڪي ڊي اي کي ڏيڻ ۾ سواء بدنيتيءَ جي ٻيو ڪھڙو عنصر ٿي سگهي ٿو!!؟؟؟

هڪ پاسي اسان زرعي زمين جي تيزيءَ سان وڃائجڻ واري بحران کي منھن ڏيئي رهيا آهيون، کاڌ خوراڪ جي پورائي لاءِ اسان وٽ وڌيڪ زراعت جي ضرورت کي محسوس ڪيو پيو وڃي، اسان جو ملڪ زراعت جي تباهي، وڻڪاريءَ جي کوٽ ۽ ماحولياتي تبديلين سبب دنيا جي سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي ۽ ٻئي پاسي ڪرسين تي ويٺل اسان جي لُول وڏيرن جي  پلاننگ تہ ڏسو…!! هو ڪنڪريٽ جا جهنگل کڙا ڪري کيسا ڀرڻ ۾ لڳا پيا آهن… شيخ چليءَ وانگر جنھن ٽاريء تي ويٺا آهن، ان کي ئي وڍي رهيا آهن.. ايڏي انڌائپ!!!؟

ڪنھن ڇا تہ خوب چيو آهي:
جڏهن آخري وڻ بہ وڍيو ويندو
جڏهن آخري مڇي کاڌي ويندي
جڏهن آخري ندي بہ زهريلي ٿي ويندي
تڏهن توکي احساس ٿيندو
تہ پئسا کائي نٿا سگهجن!

ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملير جي مقامي آبادگارن "ملير آباد گار اتحاد” جوڙي ان نا انصافي خلاف ۽ گڏوگڏ ملير جي زمينن جا مالڪاڻا حق صدين کان آباد مقامي آبادگارن کي ڏيارڻ لاءِ جدوجھد جو اعلان ڪيو آهي.

سندن موقف آهي تہ هن اتحاد جو مقصد سڄي سنڌ وانگر ضلعي ملير ۾ بہ کاتيدارن کي زمينن جا مالڪاڻا حق ڏيارڻ آهي، جيڪي ملير جي مقامي ماڻھن کي واھي چاھي، باراني يا پولٽري فارمن لاء ليز تي الاٽ ٿيل آھن جن جي ليز 2022ع ۾ ختم ٿي رھي آھي، جئين تہ اهي زمينون صدين کان ملير جي  ماڻھن جي ملڪيت ۾ آھن ۽ هو انھن کي آباد ڪندا اچن، ان ڪري انھن زمينن تي پھريون حق انھن ماڻھن جو آھي، جيڪي ملير جا قديم رھواسي پڻ آھن.  جيئن تہ ملير ۾ وڏي پيماني تي  مختلف رھائشي اسڪيمن لاء بلڊرن کي تيزيءَ سان  زمينون الاٽ ڪيون پيون وڃن، ان ڪري اھو خدشو پڻ لاحق آھي تہ 2022ع ۾ ليز ختم ٿيڻ کان پوء اھي زمينون اھڙين اسڪيمن لاء بلڊرن کي الاٽ ڪيون وينديون تہ ملير جيڪو صدين کان گرين بيلٽ رھندو آيو آھي، کي خطرو لاحق ٿي ويندو ۽ اھو ڏينھن ڏور نہ آھي جو ملير مان زمينداري بلڪل ختم ٿي ويندي، جيڪو ھتان جي ماڻھن جي گذرسفر لاءِ ڪرنگهي جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿو. ان ڪري اسان  ملير جا سڀئي زميندار ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي جدوجھد ڪيون پيا، سڀاڻي ائين نہ ٿئي جو اسان فلسطين وانگر ڌارين جي رحم و ڪرم تي اچي وڃون.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close